زورسٽرين ڪلب

زورسٽرين ڪلب: هي ڪلب 1882ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ انگريز فوجين جي ڇانوڻي کان ڪجهه مفاصلي تي قائم ڪئي وئي هئي، جيڪا ڪراچي ۾ پارسين جي قائم ڪيل قديم عمارتي يادگار آهي. هن ڪلب کي ان وقت جي طرزِ عمارت سازيءَ کان هٽي ٺاهيو ويو. ڪراچيءَ ۾ پارسين جي ٺهرايل يادگارن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت حاصل آهي. فني طرز تعمير جي لحاظ کان هي ڪلب نهايت زيبائتي نموني ٺهيل آهي. جيڪا ان وقت شهرين جي گڏجاڻين، ويهڪن ۽ جماعت سازي بابت صلاح مشوري ڪرڻ توڙي ٻين ڪمن لاءِ ڪتب آندي ويندي هئي. هن عمارت جي سردر تي گلن جا چٽ نڪتل هئا، جن مان اڀرندڙ سج جي تصوير نمايان ٿيندي نظر ايندي هئي. هيءَ عمارت قديم يوناني عمارت سازيءَ جي طرز تعمير جو نادر نمونو هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو